سيد غلام حيدر شاهه 2

سيد غلام حيدر شاهه2: سيد غلام حيدر شاهه، نوابشاهه جي مشهور زميندار ۽ سياستدان نواب شاهه جو فرزند هو، جنهن نوابشاهه، موجوده نوابشاهه شهر جي قيام ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر لاءِ پنهنجون زمينون ۽ جائدادون ڏنيون هيون. سيد غلام حيدر شاهه جو ڀاءُ ٻڍل شاهه به اثر رسوخ وارو زميندار ۽ سياستدان هو. هي مٽياروي سيدن جي سنائي شاخ جي اميناڻي پاڙي مان آهن. هي ٻئي ڀائر ننڍا ئي هئا ته سندن والد نواب شاهه 1904ع ۾ گذاري ويو. ان زماني ۾ نواب شاهه طرف جون زمينون اڃا پوريءَ طرح آباد نه ٿيون هيون، پوءِ سدا واهه ۽ ناري واهه نڪرڻ ڪري هي خطو سرسبز ٿيو ۽ سندن ملڪيت، زمينون ۽ پيدائش به وڌي وئي. ميان غلام حيدر شاهه، پنهنجي وڏي ڀاءُ ٻڍل شاهه (وفات: 22 جنوري 1942ع) کان پوءِ راڄ ڀاڳ سان منهن ڏيڻ لڳو. هٿ جو پڪو ۽ ڪفايت شعار هو. ملڪيت گهڻي وڌائي ويو. ميان ٻڍل شاهه جهڙو اثر پيدا نه ڪري سگهيو، پر پوءِ به ڏيئو ٻاريو ويٺو هو.
غلام حيدر شاهه، نواب شاهه ميونسپالٽيءَ ۽ تعلقي لوڪلبورڊ نواب شاهه جو صدر رهيو. نواب شاهه ميونسپالٽيءَ جو پهريون ڀيرو 13 آگسٽ 1947ع کان 10 آڪٽوبر 1949ع تائين، ۽ ٻيو ڀيرو 21 ڊسمبر 1952ع کان 20 ڊسمبر 1957ع تائين صدر رهيو. سندس دوستيون ۽ لاڳاپا، گهڻو ڪري ساڳين ماڻهن سان رهيا، جن سان سندس والد ۽ ڀاءُ جا لاڳاپا هئا. 1953ع کان وٺي ونيونٽ ٺهڻ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 11 فبروري 1963ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو